جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي ٻن شهرن جوهانسبرگ ۽ ڪيپ ٽائون لڳ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 27 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوهانسبرگ لڳ واقعي ۾ 17 ماڻهو ۽ ڪيپ ٽائون لڳ واقعي ۾ 10 ماڻهو ماريا ويا آهن. پوليس موجب حملي آورن جون تصويرون وٽن موجود آهن ۽ سندن گرفتاري جي ڪوشش جاري آهي.
ڌکڻ آفريقا جي صدر راماڦوسا چيو آهي ته لاقانونيت قطئي طور قبول ناهي، ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڀرواري ننڍڙي آفريڪي ملڪ ليسوٿو مان حملي آور آيا هئا ۽ هي سون جي کاڻين تي قبضا ڪندڙ گينگسٽر آهن.










