شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ ٽوڙ ڦوڙ  جي مذمت

شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ باهه ۽ ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي.جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سياسي مقصدن لاءِ شهر ۾ بدامني پکيڙڻ افسوسناڪ آهي، ۽ احتجاج جي نالي تي شهر کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ قانون کي چئلينج ڪرڻ آهي، جماعت اسلامي کي احتجاج جو حق آهي، ۽ شرپسندن کي سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ کان ڇوٽ نه آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ سان سختي سان پيش ايندو، ۽ باهه لڳائڻ، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ وارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.صوبائي وزير چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي پهرين ذميواري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو