گهوٽڪي: نيشنل هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت

گهوٽڪي: نيشنل هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت

گهوٽڪي:(ن س) گھوٽڪي جي نيشنل ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب واسڻ عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا جن کي ريسڪيو بعد تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.گھوٽڪي جي نيشنل ھاء وي ڀرسان السيد ھوٽل وٽ پنجاب کان ايندڙ تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ھڪ عورت سميت چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي وياواقعي کان پوء اي سيڪشن پوليس مختيار ڪار گھوٽڪي شاھد دايو پنھنجي ٽيم سان پھچي فوتين کي ريسڪيو ڪري لاش ٻاھر ڪڍرائي گھوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتين جي سڃاڻپ بھاولپور واسي محمد سجاد، محمد اعجاز، آصف چاچڙ ۽ هڪ عورت طور ٿي آھي جڏھن ته سمورن فوتين جو تعلق پنجاب جي شھر بھاولپور سان آھي جڏھن ته پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو