پشاور ريڊيو حملو، عدالت پاران نئين جاچ رپورٽ طلب

پشاور ريڊيو حملو، عدالت پاران نئين جاچ رپورٽ طلب

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي هڪ خاص دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ڇنڇر ڏينهن تحريڪ انصاف جي باني جي گرفتاري کانپوءِ 9 ۽ 10 مئي تي احتجاجن دوران ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي حملي ۽ باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر کان نئين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
اي ٽي سي جي جج ولي محمد خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جوابدارن، ريڊيو پاڪستان ۽ پراسيڪيوشن جي نمائندگي ڪندڙ وڪيلن شرڪت ڪئي.
جوابدارن جي وڪيل علي زمان ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب فارينزڪ سائنس ليبارٽري ۽ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي نتيجن جي روشني ۾ جيڪا رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي، اها اڃا تائين عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي آهي.
جاچ آفيسر عدالت کان رپورٽ مڪمل ڪري پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو.
پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد 9 جوابدار اڃا تائين مفرور آهن.
پراسيڪيوشن موجب، 9 مئي 2023ع تي احتجاج ڪندڙن جي هڪ گروهه ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي حملو ڪيو، عمارت جي ڪجهه حصن کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ سرڪاري ۽ نجي ملڪيت کي نقصان پهچايو.
پوليس ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نامزد ڪيو هو، جن ۾ صوبائي وزير مينا خان ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي جا ميمبر آصف خان ۽ فضل الهي پڻ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو