لاڙڪاڻو ( ن س) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نون صوبن ۽ صوبن جي ورهاڱي جون ڳالهيون پهريان به مختلف شڪلن ۾ ٿينديون رهيون آهن، انڊيا، افغانستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ صوبا ٺهيا آهن، اسان اصولي طور تي صوبا يا يونٽ ٺاهڻ کي جائز به سمجهون پر توهان جي پنهنجي ڳالهين مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هن وقت نه ماحول آهي ۽ نه ئي ڪا تياري، جيڪڏهن ڪنهن سنجيده معاملي بابت ڪو ماحول يا تياري نه هجي ته ان ۾ هٿ وجهڻ دراصل ملڪ جي سلامتي لاءِ ٺيڪ ناهي، اسان جو خيال آهي ته 18هين ترميم تحت صوبن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا هئا جنهن کان پوءِ صوبن وٽ جيڪي وسيلا، ذخيرا ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو آهي اهي هضم نه پيا ٿين جن تي هو ڪنهن به طرح قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، جيڪي علائقا پاڪستان جي آمدني جا سڀ کان وڏا ذريعا آهن انهن کي وفاق حوالي ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون غيرسياسي ماڻهن جي زبانن تي آنديون وينديون آهن جيڪڏهن ڪا اهم ڳالهه غير اهم ماڻهن جي زبانن تي آندي ويندي آهي ته پوءِ ان جي ڪائي اهميت نه هوندي آهي تنهن ڪري اهڙن ڳالهين کي پذيرائي نه پئي ملي ۽ حڪومت ۾ جيڪي جماعتون آهن اهي به هن تجويز تي خدشا رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو مطالبو هوندو ته چونڊن ۾ ڪنهن به اداري کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، هن موقف ۾ جيتري عوام جي طاقت شامل هوندي، اوتري ئي اسان جي موقف ۾ طاقت ايندي. جمهوريت ۾ هڪدم ڪو انقلابي قدم کڻي نه ٿو سگهجي. جمهوريت ۾ تجويز ڪيل سڌارا آندا ويندا آهن. هن چيو ته اسان جي ئي سياستدانن پنهنجي اقتدار لاءِ حالتن سان ٺاهه ڪيو ۽ اسان جي سياستدانن ئي جمهوريت کي ڪمزور ڪندي غير جمهوري قوتن ۽ طاقتور ادارن کي موقعا ڏنا ته هو پوري نظام کي پنهنجي گرفت ۾ وٺن جيڪڏهن اسان ٺاهه نه ڪيون ۽ سڀئي سياستدان هڪ ئي موقف تي ڄمي بيهون ته اسين ترقي جي طرف وڃي سگهون ٿا، آئين ۽ طئي شده نظام تي عملدرآمد ٿيڻ سان ئي اسان بهتري ڏانهن وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ بدامني آهي جنهن ڪري اتان جي عوام جو جيئڻ جنجال آهي جيڪي ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن، پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلي نه ٿا سگهن ۽ نه ئي ڪاروبار ڪري ٿا سگهن اِهو وڏو چئلينج آهي، شايد هڪ ئي قوت ان مسئلي جو حل نه ڳولهي سگهي ان مسئلي کي جذبات سان نه پر سموري سياسي قوتن جي صلاح مشوري سان حل ڪرڻو پوندو، رڳو طاقت مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن کي جيل ۾ رکڻ جا حامي ناهيون. منهنجو سخت مخالف به مون جيان آزاد هجڻ گهرجي، گارگند ۽ ڪردارڪشي جي سياست بجاءِ اختلافِ راءِ تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوري ماحول ۾ سڌارن جي سياست ڪئي ويندي آهي نه ڪي انقلاب جي سياست ڪئي ويندي آهي، ملڪ اندر نظام ٺهيل آهي، اسان ان نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا، اسان ڪائي ترميم ڏني ته ان تي آئين موجب قانونسازي ٿي، هاڻي ته آئين موجب ڪا ئي به قانونسازي نه پئي ٿئي، هينئر جيڪا قانونسازي ٿي آهي ان تي به اسان کي خدشا آهن جيڪو آئين جي خلاف آهي جيڪڏهن آئين جي خلاف قانونسازي ٿيندي ته پوءِ قوم ۾ اختلاف ته ايندا. اسان کي گهرجي ته قوم کي گڏ ڪرڻ واري قانونسازي ڪيون، رياست ماءُ آهي ۽ ماءُ پنهنجي ٻارن کي گڏ ڪندي آهي نه ڪي انهن کي ورهائي ۽ ويڙهائيندي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف به پاڪستان جي سڀ کان وڏي تحريڪ هلائي ۽ مارشلا ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ جدوجهد ڪئي، سياست ۾ ڪنهن سان به حتمي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي آهي پر حالتن، افهام و تفهيم تحت اختلاف راءِ ۽ اتفاقِ راءِ به ڪيو ويندو آهي تنهن ڪري اسان 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن کي تسليم نه ٿا ڪريون، اسان ان موقف تي اڄ به بيٺا آهيون پر جڏهن حالتون تبديل ٿينديون آهن ته پوءِ حالتن تي هوندو آهي، جي يو آءِ هميشه هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي هن وقت جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو آواز گونجي عوام ۾ شعور پيدا ڪري رهيو آهي ته اُهو آواز جي يو آءِ جو آهي ان حالت ۾ جي يو آءِ ڳالهيون ڪرڻ ۽ لفظن جي چونڊ ڪرڻ توڙي آئيني ۽ قانون حدن کي به ڄاڻي ٿي. اسان جهڙي نموني قوم جي رهنمائي ڪري رهيا آهيون ان ۾ اسان کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سياستدان عوام، امن امان ۽ معاشي صورتحال کي نظرانداز ڪري ته ظاهر آهي ته منهنجي نظر ۾ اها سياسي ڪوتاهي هوندي، تنهن ڪري جوائنٽ اپوزيشن جي لاءِ جيڪي پارٽيون منهنجي گهر آيون ۽ مان انهن وٽ ويس اسان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته توهان کي امن امان، انساني حقن، ملڪي مسئلن، مهانگائي ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي هڪ واضع راءِ قائم ڪري سمورن سياسي قيدين سان ڳالهائڻ گهرجي، ڪشميري ۾ جهڙي ريت پريشاني آهي ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي، ملڪي کي پيش ايندڙ چئليجنز کي جيسيتائين ملڪي سياسي پارٽيون حل نه ڪنديون ته پوءِ هي سياست حق ادا نه ڪري سگهندي. اسان ان حوالي سان ڪجهه ترجيحات جو تعين ڪيو آهي جنهن تي سمورن اتفاق به ڪيو آهي اسان ان کي کڻي اڳتي وڌنداسين. مولانا فضل الرحمان پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ اهڙن واقعن کان پوءِ استعيفا ڏيڻ جو رواج ناهي جيڪڏهن وزير استعيفا ڏني ته اُهو اخلاقي قدم هوندو، اهڙن قسم جي واقعن ۽ ٻارن جي موت وارن واقعن تي تمام گهڻو افسوس ٿيندو آهي، اسپتال ۾ باهه وسائڻ لاءِ نظام موجود آهي ته پوءِ ان جي باوجود وارڊ ۾ باهه لڳڻ وارو واقعو پيش آيو، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران جي صحت ۽ اسپتال منتقلي بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ ئي اهو ئي فيصلو ڪندو. هن چيو ته شادي مون سميت سڀني ڪئي آهي، بلاول جي شادي ڪا نئين ڳالهه ناهي.










