سياسي پارٽيون 75 سالن کان ملڪ کي تباهه ڪن پيون: اچڪزئي

سياسي پارٽيون 75 سالن کان ملڪ کي تباهه ڪن پيون: اچڪزئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته سياسي پارٽيون گذريل 75 سالن کان ملڪ کي تباهه ڪري رهيون آهن، پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ سڀني پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آزاد هجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ جنهن طريقي سان هلايو پيو وڃي، اهو سڀني جي سامهون آهي، هڪ مقبول اڳواڻ کي جيل ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته 2024ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان ڌانڌلي ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ فوج جا جوان به اسان جا آهن ۽ اسان انهن جي ترقي لاءِ دعاگو آهيون. محمود اچڪزئي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي هڪ اميد نظر آئي هئي، پر رات جي اونداهي ۾ ڪنهن ڇا ڪيو؟مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته رات جو ميڊيا ذريعي ٻڌايو ويو ته باني کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسان خوش ٿياسين، پر سوال اهو آهي ته اهي ڪير ماڻهو آهن، جيڪي رات جي اونداهي ۾ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو