پاڪستان جي قسمت بدلائڻ لاءِ معجزي جو انتظار

پاڪستان جي قسمت بدلائڻ لاءِ معجزي جو انتظار

ليکڪ: محمد عامر رانا
پاڪستان 2 ڏينهن اڳ پنهنجو 79هون آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو. هڪ ڀيرو ٻيهر هي سالگرهه ان اميد سان آئي ته شايد ايندڙ سال حالتون مختلف هونديون ۽ عام شهرين کي ڪجهه رليف ملندو. هن اميد جو تازو بنياد مڪه گڏيل دفاعي معاهدو آهي. ڀتين تي نعرا ۽ گرافيٽي لکيا ويا آهن، جڏهن ته گهٽين کي جهنڊين، جهنڊن جي قطارن ۽ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي. پاڪستان جي گهٽين ۾ اهڙو ئي جوش هڪ ڏهاڪي کان ڪجهه وڌيڪ عرصو اڳ به ڏسڻ ۾ آيو هو، جڏهن ملڪ جي طاقتور حڪمران اشرافيه قوم کي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) جو خواب وڪرو ڪيو هو.
جيتوڻيڪ مڪه معاهدو بنيادي طور CPEC کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته CPEC کي معاشي رابطن ۽ ڳانڍاپي جي منصوبي طور تصور ڪيو ويو هو، جڏهن ته تازو ٽه ڌريو معاهدو خطي جي وچولي طاقت رکندڙ ملڪن کي شامل ڪندڙ هڪ جيوپوليٽيڪل قدم آهي، پر عام ماڻهن پنهنجون اميدون ان سان به وابسته ڪري ڇڏيون آهن. جيئن ماڻهن کي اميد هئي ته CPEC سندن زندگيءَ ۾ آساني آڻيندو، روزگار پيدا ڪندو ۽ معاشي سرگرمي وڌائيندو، تيئن هاڻي اهو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته هي معاهدو ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻيندو، سعودي سرمايو ايندو، ادائگي بعد ۾ ڪرڻ جي سهولت سان تيل ملندو ۽ وڌيڪ پاڪستانين کي خليجي ملڪن ۾ روزگار ملندو.
معجزي جي انتظار ۾ رهڻ پاڪستان جي طاقتور حڪمران اشرافيه جو پراڻو طريقو آهي. هر ڪجهه سالن کان پوءِ حڪمران طبقو اميد جو هڪ نئون داستان جوڙي ٿو.
بس هاڻي تبديلي اچڻ واري آهي، خوشحالي افق کان ٻاهر اسان جي انتظار ۾ آهي ۽ پاڪستان کي رڳو صبر ڪرڻو آهي ته معجزو رونما ٿئي. تبديليءَ لاءِ ٻاهرين دنيا ڏانهن ڏسڻ جي اها عادت ملڪ جي قيام کان وٺي هلندي اچي ٿي، جڏهن پاڪستان جي قيادت جون اميدون آمريڪا سان وابسته هيون.
هن سيٽو (SEATO) ۽ سينٽو (CENTO) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ايران سان گڏ مغربي دفاعي ۽ سلامتي جو ساٿي بڻجي ويو. آمريڪا سان دفاعي ڀائيواري ذريعي پاڪستان جي جيوپوليٽيڪل اثر رسوخ ۽ معاشي فائدن جا خواب بار بار چڪنا چور ٿيا. پر ان باوجود طاقتور اشرافيه بار بار پنهنجي اميد بحال ڪندي نئين ڀائيوارين کي قبول ڪندي رهي، ان توقع سان ته پرڏيهي اتحادي ملڪ جو اسٽريٽجڪ وزن وڌائيندا ۽ مالي وسيلا ملڪ ۾ آڻيندا.
اهو ئي نمونو پاڪستان جي آمريڪا ۽ مغربي اتحادين سان لاڳاپن کان وٺي چين سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري، CPEC، وچ ايشيا لاءِ متوقع واپاري رستو کولڻ ۽ هاڻي سعودي عرب ۽ ترڪيه کي شامل ڪندڙ اڀرندڙ سيڪيورٽي ڍانچي تائين جاري رهيو آهي.
ياد ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن نواز شريف 2013ع ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ۽ 2015ع ۾ CPEC جو باضابطه افتتاح ٿيو ته ان کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ويو هو. اسلام آباد جون گهٽيون پاڪستاني ۽ چيني جهنڊن سان ڍڪجي ويون هيون، جنهن مان اهو تاثر پيدا ٿيو ته هڪ غيرمعمولي ڀائيواري پاڪستان جي معاشي قسمت تبديل ڪرڻ واري آهي.
چين ۽ پاڪستان ان وقت به ۽ اڄ به ويجها اسٽريٽجڪ ساٿي آهن، ۽ CPEC اهم بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جا منصوبا مڪمل ڪيا آهن. پر ان جي شروعات کان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود واعدو ڪيل تبديلي اڃا مڪمل نه ٿي آهي.
پاڪستان اڃا تائين قرضن، ناڪافي برآمدات، ڪمزور پيداواري صلاحيت ۽ بار بار پيدا ٿيندڙ ادائيگين جي توازن (Balance of Payments) جي بحرانن سان وڙهي رهيو آهي. ملڪ اڃا تائين آءِ ايم ايف جي پروگرامن، مالي ذخيرن، قرضن جي واپسي ملتوي ڪرائڻ ۽ دوست ملڪن، جن ۾ چين ۽ سعودي عرب شامل آهن، کان ٻين قسمن جي سهڪار تي ڀاڙي ٿو.
ان ڪري CPEC اهو به ظاهر ڪري ٿو ته ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي لاءِ گهربل ڏکين اندروني سڌارن جي جاءِ تي ٻاهرين ڀائيوارين تي ڀاڙڻ جون حدون ڪهڙيون آهن.
پاڪستانين کي پنهنجي قسمت جي تبديلي لاءِ ٻاهرين دنيا ڏانهن ڏسڻ جو عادي بڻايو ويو آهي.
ساڳئي سلسلي ۾ طاقتور اشرافيه افغانستان ذريعي معاشي تبديليءَ جو خواب پڻ پاليو. جڏهن طالبان اقتدار ۾ آيا ته اميد ڪئي وئي ته پاڪستان جا وچ ايشيا ۽ ان کان اڳتي وارن علائقن سان معاشي ۽ اسٽريٽجڪ رابطن جا خواب حقيقت بڻجي ويندا.
ياد ڪري سگهجي ٿو ته 2021ع جي آزاديءَ واري ڏهاڙي تي به طاقتور حلقا افغانستان بابت اهڙيون ئي اميدون پيدا ڪري رهيا هئا. جيئن ئي طالبان ڪابل ڏانهن وڌي رهيا هئا، اسلام آباد جي ڪجهه مسجدن ۽ ٻين هنڌن تي اسلامي امارت جا جهنڊا نظر اچڻ لڳا. طالبان 15 آگسٽ تي افغان گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ داخل ٿيا، جيڪو پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن پوءِ هو.
پاڪستان جي بااثر حلقن ۾ ان وقت جوش ۽ خوشي نمايان هئي. ان وقت جي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته افغانن ”غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن.“ پاڪستان نئين طالبان انتظاميا سان عالمي سطح تي رابطن جو سڀ کان مضبوط حامي بڻجي ويو، جيتوڻيڪ هن باضابطه طور ان کي تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
هڪ عوامي سيمينار ۾ مون هڪ رٽائرڊ سيڪيورٽي اهلڪار کي اعتماد سان اها اڳڪٿي ڪندي ٻڌو ته طالبان جي فتح پاڪستان اندر هڪ گهري سماجي ۽ سياسي تبديلي آڻيندي. سندس دليل هو ته افغانستان ۾ نئون نظام ڪرپشن جو خاتمو آڻيندو ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ انصاف تي ٻڌل نظام لاءِ حوصلا افزائي ڪندو. هن احتياط سان ”شريعت“ جو لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو، شايد پنهنجي پيشوراڻي پسمنظر سبب، پر سندس مطلب سمجهڻ ڏکيو نه هو. اهو به هڪ خيالي مثالي دور (Utopian Moment) هو.
حقيقت ان جي ابتڙ رخ اختيار ڪيو. افغانستان جي معاشي ۽ انساني بحران نئين لڏپلاڻ کي جنم ڏنو، جڏهن ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا. اسلام آباد ۽ ڪابل وچ ۾ لاڳاپا تيزيءَ سان خراب ٿي ويا. علائقائي رابطن کي آسان بڻائڻ بدران سرحد پار بدامني پاڪستان لاءِ اندروني طور سڀ کان سنگين خطرن مان هڪ بڻجي وئي.
ان واقعي جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ هاڻي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ انهن مفروضن تي ٻيهر غور ڪرڻ کان هٻڪندي نظر اچي ٿي، جن ان جي شروعاتي جوش کي جنم ڏنو هو.
تازي دفاعي معاهدي اميدن جي هڪ ٻي لهر پيدا ڪئي آهي. ممڪن آهي ته اهو واقعي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حيثيت مضبوط ڪري. تنهنڪري ان جي اهميت جو حقيقت پسندانه جائزو وٺڻ گهرجي، بجاءِ ان جي ته ان تي اهڙا واعدا رکيا وڃن، جن کي پورو ڪرڻ لاءِ شايد اهو معاهدو ٺاهيو ئي نه ويو هجي.
اتحادي ۽ منصوبا تبديل ٿيندا رهن ٿا، پر بنيادي نفسيات حيرت انگيز طور تي ساڳي رهي ٿي. پاڪستانين کي پنهنجي قسمت جي تبديلي لاءِ ٻاهرين دنيا ڏانهن ڏسڻ جو عادي بڻايو ويو آهي.
پر اندروني محاذ تمام گهڻو پيچيده آهي ۽ اتي اميد تمام گهٽ نظر اچي ٿي. ادارن ۾ سڌارا آڻڻ معاهدا ڪرڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ڪنهن پرڏيهي مهمان جي استقبال کان گهٽ ڊرامائي عمل آهي. حڪمراني بهتر ڪرڻ سان اسلام آباد جي شاهراهن تي جهنڊن سان سينگاريل منظر پيدا نٿو ٿئي.
خواهش آهي ته ڪو اهڙو آزاديءَ جو ڏهاڙو به اچي، جڏهن اسان جي اميد ڪنهن ٻاهرين معجزي بدران پاڪستان جي پنهنجي اندر حاصل ڪيل ڪاميابين جو نتيجو هجي: اسان جي پنهنجي پاليسين سان شروع ڪيل معاشي تبديلي؛ فعال ۽ اثرائتا ادارا؛ بلوچستان ۾ پائيدار امن؛ افغانستان ۽ ڀارت سان مستحڪم لاڳاپا؛ سمورين عدم تحفظ وارين حالتن جو خاتمو؛ قانون جي حڪمراني؛ ۽ سڀ کان وڌي ڪري حقيقي جمهوريت جي واپسي.
شايد بحران ۾ ڦاٿل فردن ۽ قومن جي اها انساني فطرت آهي ته هو بچاءَ لاءِ پاڻ کان ٻاهر ڏسڻ شروع ڪن. پاڪستان به ان ئي آزمائش جو شڪار آهي. هر ڪجهه سالن کان پوءِ ملڪ وٽ خوش ٿيڻ جو هڪ نئون سبب، هڪ نئون اتحاد ۽ معجزي جي انتظار لاءِ هڪ نئون جواز سامهون اچي ٿو.
(نوٽ، ليکڪ سيڪيورٽي معاملن جو تجزئي نگار آهي. سندس هي مضمون 16 آگسٽ تي ڊان ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهي. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو