واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ عرب ملڪن جي اعليٰ فوجي آفيسرن ايران جي حوالي سان جرمني ۾ هڪ خفيه ملاقات ڪئي آهي.آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس موجب، ٻن اسرائيلي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ڪيترن ئي عرب ملڪن جي اعليٰ فوجي ڪمانڊرن گذريل هفتي جرمني ۾ هڪ خفيه ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايران سان جاري جنگ ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي بحث ڪيو ويو.ويب سائيٽ موجب، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جي ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر پاران منعقد ڪيل هن خانگي ۽ ڳجهي ملاقات جو ڪنهن به شرڪت ڪندڙ ملڪ طرفان سرڪاري طور تي اعلان نه ڪيو ويو.ايڊمرل بريڊ ڪوپر کان علاوه، ان اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ اسرائيل، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، بحرين، ڪويت، قطر، اردن ۽ مصر جي فوجي سربراهن شرڪت ڪئي.ملاقات دوران، ايڊمرل بريڊ ڪوپر شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته آمريڪي اڏن تي ايراني حملن جي باوجود، آمريڪي فوج خطي مان نه هٽندي. هن پنهنجي هم منصبن کي آبنائي هرمز ۾ جهازن جي ٽرئفڪ کي وڌائڻ جي آمريڪي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.هڪ اسرائيلي عهديدار موجب، اسرائيلي آرمي چيف آف اسٽاف جنرل ايال ضمير ٻين شرڪت ڪندڙن کي مختلف محاذن تي اسرائيلي فوج جي آپريشن بابت آگاهه ڪيو.ويب سائيٽ موجب، آمريڪي سينٽ ڪام ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته، “جرمني ۾ هڪ شيڊول ڪانفرنس دوران، اٺ ملڪن جي اعليٰ فوجي اڳواڻن جي ميزباني ڪئي وئي. اڳواڻن وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي موقعن تي بحث ڪيو.










