حنا جاويد قتل ڪيس، مڙس ۽ ملازم کي عدالت جيل موڪلي ڇڏيو

حنا جاويد قتل ڪيس، مڙس ۽ ملازم کي عدالت جيل موڪلي ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ضلعي ۽ سيشن عدالت اربع ڏينهن ڊجيٽل ميڊيا ايگزيڪيوٽو حنا جاويد جي مڙس ۽ سندن گهريلو ملازم کي قتل ڪيس ۾ پوليس جي جسماني تحويل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چوڌري قاسم جاويد اهو حڪم ٻنهي جوابدارن، فيصل اصغر ۽ ذيشان، کي چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ڏنو.
ٻڌڻي دوران پوليس ٻنهي جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي موڪلڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جاچ لاءِ سندن وڌيڪ جسماني تحويل جي ضرورت ناهي رهي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي ٻنهي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
پوليس الزام لڳايو آهي ته اصغر پنهنجي گهريلو ملازم ذيشان جي مدد سان پنهنجي زال کي قتل ڪيو. پوليس ذريعن موجب، جاچ دوران ذيشان اعتراف ڪيو ته مڙس ۽ زال وچ ۾ گهريلو تڪرار دوران هن حنا جاويد کي گهٽو ڏئي کيس قتل ڪيو.
ذريعن موجب، ذيشان جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته تڪرار دوران حنا ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هن ۽ اصغر مبينا طور کيس روڪي ورتو.
حنا 20 آگسٽ تي راولپنڊي جي لال ڪڙتي واري علائقي ۾ پنهنجي رهائشگاهه مان فوت ٿيل حالت ۾ ملي هئي. سندس لاش غسل خاني ۾ شاور سان ٻڌل مليو هو. سندس مڙس خود ڪشي جو تاثر ڏنو هو جيڪو غلط هو.
پوليس ذريعن موجب، شروعات ۾ حنا جي سهري پوليس کي اطلاع ڏنو هو ته گهر ۾ چور داخل ٿيا هئا. جڏهن پوليس رهائشگاهه تي پهتي ته حنا جو لاش غسل خاني مان مليو.
29 آگسٽ تي عدالت وڌيڪ جاچ کي آسان بڻائڻ لاءِ ٻنهي جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ چار ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي. مقتولا جو سهرو رٽائرڊ فوجي آفيسر آهي، جنهن کي پوليس جاچ ۾ ته شامل ڪيو پر سندس خلاف وڌيڪ ڪاروائي نه ڪئي. ابتدائي اطلاعن موجب هو به قتل ۾ شريڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو