واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي جلد ٻيهر حملو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. وائيٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ ممڪن آهي ته وڌيڪ ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي. آمريڪا جي وچ مدي وارن چونڊن دوران جنگ جي اثرن بابت ووٽرن جي راءِ تي سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته هڪ لحاظ کان ماڻهو ان ڳالهه کي پسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اهو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ٻين صدرن کي ڪرڻ گهرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي پاسي ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهو ان کي پسند نه ڪن. اهڙي قدم جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، جنهن جو کيس اڳواٽ ئي اندازو هو، پر آمريڪا ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. ان کان اڳ ٽرمپ ايران سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو هو ته ايران سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي ۽ تڪرار بابت جلد ڪا نه ڪا اڳڀرائي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا فوجي ۽ مالي لحاظ کان ايران خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. آمريڪي صدر ايران تي الزام هنيو ته اهو آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ تيل جا اگهه وڌائي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته هن وقت آبنائي هرمز مان جيترو تيل گذري رهيو آهي، ايترو تيل فيبروريءَ ۾ تڪرار شروع ٿيڻ کان اڳ به نه گذرندو هو. سندس دعويٰ هئي ته ايران حملن ۽ بارودي سرنگهن جي واقعن بابت ڪوڙا قصا گهڙي رهيو آهي. هوڏانهن هڪ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل وچ مدي وارين چونڊن کانپوءِ ايران تي نون حملن جي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي. اخبار موجب هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جون فوجون امڪاني حملن جون مشقون پڻ تيز ڪري رهيون آهن. امڪاني هدفن ۾ ايران جون توانائيءَ جون تنصيبات، جوهري مرڪز، ميزائل ۽ ڊرونن جا ذخيرا شامل آهن.










