ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ ملڪ ۾ سوني جي في تولي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي.آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سوني جي في تولي قيمت 100 رپيا گهٽجي 4 لک 60 هزار 236 رپيا ٿي وئي آهي.10 گرام سوني جي قيمت ۾ 85 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 3 لک 94 هزار 578 رپيا مقرر ٿي آهي.ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سوني جي قيمت ۾ هڪ ڊالر جي گهٽتائي آئي آهي، جنهن کانپوءِ اها قيمت 4 هزار 377 ڊالر في اونس تي پهچي وئي آهي.










