اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران خلاف آمريڪي جنگ بابت خدشا وڌڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو وڌي ويا. رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جو اگهه 4.08 ڊالر واڌ سان 104.28 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جو اگهه 3.21 ڊالر وڌي 91.49 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو.واپار دوران ٻنهي قسمن جي تيل جا اگهه ڪنهن وقت 5 ڊالر في بيرل کان به وڌيڪ وڌي ويا. آمريڪي حملن جي امڪاني خدشن سبب برينٽ ڪچي تيل جو اگهه 29 سيپٽمبر کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويو. هوڏانهن ايران سان تڪرار اٺين مهيني ۾ داخل ٿيڻ سبب نار ۽ آبنائي هرمز ۾ تيل بردار جهازن جي اچ وڃ کي خطرا وڌي ويا آهن. گذريل هفتي آبنائي هرمز مان گذرندڙ تيل بردار جهازن تي حملن جو انگ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته نار جي ملڪن تيل جي برآمدن ۾ واڌ ڪئي آهي.










