اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ حڪمران اشرافيه جي هر حصي کي پنهنجي ڪاررواين جي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. حڪمران اشرافيه خلاف ڪرپشن ۽ بدانتظامي سميت مختلف الزامن تي ڪارروائيون ڪيون ويون. صرف بيوروڪريسي احتساب کان محفوظ ۽ اڻ ڇهيل هئي.خواجه آصف چيو ته پاڪستانين کي مشڪل سان احساس آهي ته بيوروڪريٽس به ملڪ تي حڪومت ڪري رهيا آهن. اڳوڻو گورنر جنرل غلام محمد هڪ بيوروڪريٽ هو، اڳوڻو وزيراعظم چوڌري محمد علي پڻ هڪ بيوروڪريٽ هو، اڳوڻي صدر سڪندر مرزا ۽ غلام اسحاق خان پڻ بيوروڪريٽ هئا. اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن سياستدان ظاهري طور تي اقتدار ۾ هئا.هن وڌيڪ چيو ته هو بيوروڪريٽس تي الزام نه ٿو لڳائي. سياستدانن جي نااهلي ۽ باهمي اختلافن بيوروڪريسي لاءِ جاءِ فراهم ڪئي. جيڪڏهن سياستدان پاڻ کي سڌاريندا ته پوءِ سڌارا ۽ احتساب پاڻمرادو بيوروڪريسي ۾ اچي ويندو.










