سنڌ خلاف سازشون، عوامي تحريڪ جون ريليون

سنڌ خلاف سازشون، عوامي تحريڪ جون ريليون

ٽنڊوباگو (پ ر) سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، 28هين ترميم، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن. جلالپور ڪينال سميت سمورن نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ پاران اعلانيل عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ٽنڊوباگو پاران سي اين جي پمپ کان عوامي سجاڳي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پره هاليپوٽو، بيگم زئور، وڪيل محبت هاليپوٽو، وڪيل فاضل زئور، مختيار بڪاري، جيون ڪمار، سچل هاليپوٽو، پرشوتم ڪولهي، ستو ڪولهي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ڌرڻي کان اڳ ٽنڊوباگو شهر ۾ عوامي سجاڳي مهم جي ريلي ڪڍي سجاڳي مهم جا هينڊ بل دڪاندارن ريڙهن ۽ هوٽلن تي ويٺل ماڻهن کي پن ڏنا ۽ چيو ته هن سجاڳيء جي سڏ کي پنهنجي ڳوٺن ۽ گهرن تائين عام ڪريو ته جيئن سنڌ کي ايندڙ وڏين مصيبتن کان بچائي سگهون.ڌرڻي ۾ گڏ ٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ چاهي ٿو، گوادر ضيائي ٽولي ۽ ڪراچي مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن حوالي ڪري ڪراچي ۽ گوادر کي به اسرائيل جيان آمريڪي هٿيارن جو اڏو بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. آمريڪا جيئن اسرائيل وسيلي وچ اوڀر تي قبضو ڪيو تيئن پاڪستان کي غير مستحڪم بڻائي ڏکڻ ايشيا تي به مڪمل طور قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙ آمريڪي ايجنٽ آهن، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا آمريڪي سامراج حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پر سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ وڙهندي، جنگ ڪندي، پرامن جمهوري جدوجهد ڪندي. سنڌ جي حفاظت لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو وڙهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو