الطاف حسين جي گهر تي ٻن نقاب پوشن جو حملو

الطاف حسين جي گهر تي ٻن نقاب پوشن جو حملو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي اتر لنڊن ۾ واقع گهر تي ٻن نامعلوم نقاب پوشن حملو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.
ايڪس تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ الطاف حسين پنهنجي همدردن کي حملي جو تفصيل ٻڌائي رهيو آهي ته نقاب پوش سندس گهر جو لوهو گيٽ ٽپي آيا. هن ٻڌايو ته گهي ۾ داخلا واري مک دروازي جي پاسي ۾ شيشو ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ويڊيو ۾ دروازي جي اڳيان ڀڳل گلدان به نظر اچي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم لنڊن پوليس کان جاچ ڪري نقاب پوش ٻنهي حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو