ڪميشن وقت تي چونڊون نه ڪرايون ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي: فواد

ڪميشن وقت تي چونڊون نه ڪرايون ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي: فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن تي اربين رپيا خرچ ڪريون ٿا، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن وقت تي چونڊون نه ڪرايون ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پکيڙڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿي رهيو، اسان تيار آهيون. جيل ڀريو تحريڪ لاءِ ها، هي ماڻهو اليڪشن لاءِ تيار ناهن، موجوده حڪومت عمران خان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.فواد چوڌري چيو ته اڄ غداري ڪيس ۾ پيش ٿيو، پوليس اڃا تائين چالان پيش نه ڪري سگهي آهي، چالان پيش ڪيو وڃي ته جيئن اسان کي به خبر پوي ته اسان غداري ڪئي آهي، جيڪڏهن مان غدار آهيان ته منهنجا سمورا ووٽر غدار آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ اهڙا جاهل ماڻهو آهن جن کي تاريخ جي خبر ناهي، اسان جا اوورسيز پاڪستاني انهن کان نفرت ڇو ٿا ڪن، هن حڪومت گرين پاسپورٽ جي عزت ختم ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو