ملير(درياخان شر) زيادتي جي ڪيس ۾ ملير جي عدالت ۾ پيشي لاءِ آيل جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي ٻئي منزل تان ٽپو ڏئي زخمي ٿي پيو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال پهچايو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون سيد شاڪر ٻڌايو ته جوابدار انجم کي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ناري کي اغوا بعد زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو. جنهن کي جاچ پوليس ملير ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو ته هن اوچتو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي عدالت جي ٻي منزل تان ٽپو ڏنو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.










