اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري،حڪم

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري،حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.فيصلي موجب عدالت اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو اعلان ڪرڻ جي هدايت ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف ۽ شهري منير احمد جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته صدر يا اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ ڏيڻ جي آئين ۾ گنجائش ناهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ناهي. اليڪشن ڪميشن کي فنڊز جي فراهمي تائين اليڪشن نه ٿي ٿي سگهي، صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وفاق جي مڪمل سهڪار جي ضرورت آهي، قانون ڪجهه حالتن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.جيڪڏهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن نه ٿيون ته چونڊن جي شفافيت متاثر ٿي سگهي ٿي.پنجاب جي گورنر جي وڪيل شهزاد شوڪت چيو ته گورنر پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ناهي ڏني. ان ڪري نئين چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سندن ذميواري ناهي.گورنر جي وڪيل درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن گورنر اليڪشن جي تاريخ نه ٻڌائي ته صدر تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو. اهو خاموش نه ٿو رکي سگهجي. ٻڌڻي جي شروعات تي آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري عدالت کي يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو