ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران پاڪ ڪالوني هارون آباد سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ ۾ چوري جي واقعن جو نوٽيس وٺندي واٽر بورڊ جا سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ جي حڪم تي چيف سڪيورٽي واٽر بورڊ نثار احمد مگسي ۽ ميجر عبدالمجيد اعواڻ (ر) جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪالوني هارون آباد سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ تي آپريشن ڪيو، ڪارروائي دوران 12 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي پاڪ ڪالوني ٿاڻي پوليس جي حوالي ڪيو ويو، واٽر بورڊ اختيارين موجب ملوث جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ ڪنهن کي بہ واٽر بورڊ جي سمورين تنصيبات ۽ زمين تي چوري يا قبضي جي اجازت ھرگز نہ ڏني ويندي هن چيو تہ چوري ۾ ملوث جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن جڏھن تہ چوري ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.










