ڪرناٽڪا (ويب ڊيسڪ)مشهور ڀارتي ڳائڻي ڪيلاش کير تي ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ ڪنسرٽ دوران حملو ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب مشهور گلوڪار ڪيلاش کير ڪرناٽڪا جي شهر هيمپي ۾ هڪ ڪنسرٽ ۾ پرفارم ڪري رهيو هو، جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ موجود هئي، ميڊيا رپورٽن موجب ڪنسرٽ دوران ڀارتي ڳائڻي ڪيلاش کير تي هڪ بوتل اڇلائي وئي، پر اها معلوم نه ٿي سگهيو ته بوتل ڳائڻي کي لڳي يا نه. ميڊيا رپورٽن موجب حملي کانپوءِ فوري طور تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ بوتل اڇلائيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار شخص کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










