پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينه پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس پشاور ۾ نگران ڪابينه جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي وزيرن کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وڏي وزير اعظم خان سميت صوبي جون اهم شخصيتون ۽ معزز به موجود هئا.خميس جي صبح خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي نگران ڪابينه جي ميمبرن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نوٽيفڪيشن موجب عبدالحليم، قصوريه، حامد شاهه، سيد مسعود شاهه، غفران ۽ تاج محمد آفريدي کي نگران سيٽ اپ جو حصو بنايو ويو آهي.سانول نذير ايڊووڪيٽ، بخت نواز، فضل الاهي، عدنان جليل، شفيع الله ۽ شاهد خان به نگران ڪابينه جو حصو هوندا. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ محمد علي شاهه، جستس ريٽائرڊ ارشاد قيصر ۽ منظور خان آفريدي شامل آهن.خيبرپختونخواهه جي گورنر طرفان اعظم خان سان مشاورت کان پوءِ نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي. گورنر ۽ نگران وڏي وزير اعظم خان وچ ۾ 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ۽ مشاورت کان پوءِ نگران ڪابينه جي نالن جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان کان ڪابينه لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي.










