اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي اصل تڪليف اها آهي ته محسن نقوي جي مقرري جادو ٽوڻي سان نه آئين ۽ قانون مطابق ٿي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته محسن نقوي جي نگران وڏو وزير بڻجڻ تي فارن ايجنٽ ۽ شوڪت خانم اسپتال جي چندي جي 30 لک ڊالر سان ڪاروبار ڪندڙ عمران خان کي اصل تڪليف اها آهي ته هي مقرري جادو ٽوڻي سان نه پر آئين ۽ قانون مطابق ٿي وفاقي وزير چيو ته بزدار مڙجي نه سگهيو؟ پنجاب کي لٽيندڙ ٻڌي ڇڏيو هاڻي اليڪشن ٿيندي سليڪشن نه ٿيندي.










