ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ رهڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ رهڻ جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر قائد ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي ۽ رات جي وقت به گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڱاري جي صبح جو گرمي پد 7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 55 سيڪڙو آهي، شهر ۾ هلڪو ڪوهيڙو آهي، ويجهڙائي 3.5 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته هلڪيون هوائون هلي رهيون آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ رات ڪراچي ۾ گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو