پاڪستان مسلم ليگ (ق) کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ واري بيان تي پارٽي جي مرڪزي صدر چوڌري شجاعت پنجاب جي صوبائي صدر چوڌري پرويز الاهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي سندس بنيادي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. پارٽي قيادت پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ بابت وضاحت نه اچڻ تائين مسلم ليگ (ق) جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين طرفان چوڌري پرويز الاهي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته مرڪزي صدر چوڌري شجاعت رات جي خبرن جي حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. شوڪاز نوٽيس موجب چوڌري شجاعت ان حرڪت جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته صوبائي صدر پارٽي کي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ضم نٿو ڪري سگهي.










