ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ اڄ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.سيريز جي پهرئين ون ڊي ۾ پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، نسيم شاهه ۽ ڊيبيو ڪندڙ اساما مير ڪيوي بيٽسمينن کي وڏو اسڪور ڪرڻ نه ڏنو. فخر زمان، بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اڌ سينچري جي بدولت قومي ٽيم هدف آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو.ڪالهه خميس ڏينهن جيو نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيوي بيٽسمين گلين فلپس چيو ته ٻي ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي.هن چيو ته پارٽنرشپ نه هئڻ سبب هو پهرين ميچ ۾ وڏو اسڪور نه ڪري سگهيو.ٻئي طرف پاڪستاني ٽيم ٻي ون ڊي ميچ کٽي سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪندي.










