ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عالمي معيشت جي ڪمزور حالت جي ڪري دنيا ۾ گهٽ طلب جي خدشن بعد عالمي منڊي ۾ اربع تي تيل جي قيمت وڌيڪ ڪري پئي آهي. مارچ جي ڊمانڊ ۾ گهٽتائي سبب سپلاءِ جي اگهه ۾ ِ برينٽ فيوچر 13 سينٽ گهٽجي 81.97 في بيرل تي يعني 0.1 سيڪڙو نقصان ۽آمريڪي خام تيل 28 سينٽ يا 0.3 سيڪڙو گهٽجي 76.65 ڊالر في بيرل ٿي ويو. ٻئي معيار اڱاري تي 4 سيڪڙو گهٽجي ويا هئا، برينٽ جي ٽن مهينن جي عرصي ۾ ڪنهن به هڪ ڏينهن جي حساب سان اها وڏي لاٿ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي ڪساد بازاري جي چتاءَ، چين ۾ ڪووڊ جي ٻڏتر واري صورتحال، آمريڪي ڊالر ۾ نئين طاقت ۽ خطري جي جذبي ۾ گهٽتائي، اهي سڀ ڪيٽيلسٽتيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا سبب آهن.” چيني حڪومت 2023 لاءِ پهرين بيچ ۾ ريفائنڊ آئل پروڊڪٽس لاءِ ايڪسپورٽ ڪوٽا وڌائي آهي ، جيڪا سندن گهريلو گهرج جي گهتٽائي جي نشاني آهي. تيل برآمد ڪندڙ وڏي ملڪ سعودي عرب شايد فيبروري ۾ ايشيا ۾ پنهنجي فليگ شپ عرب لائيٽ خام گريڊ جي قيمتن کي وڌيڪ گھٽائي سگھي ٿو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اها 10 مهينن ۾ وڌيڪ گهٽتائي هوندي. مارڪيٽ ۾ واڌو فراهمي جون ڳالهيون به هلن ٿيون ۽ اهي سڀ پيداوار جي گهٽتائي جو سبب بڻبا.










