اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت پيٽروليم ليوي 70 رپيا في ليٽر کان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.اهو منصوبو حڪومت پاران قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو.رپورٽن مطابق اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي راشن ذريعي پورو ڪيو ويندو. منصوبي موجب رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر جو اندازو مارڪيٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو جڏهن ته بجلي ۽ گئس جا لائين لاسز صوبن کي منتقل ڪيل فنڊن مان ڪٽيا ويندا.ملڪي ۽ غير ملڪي قرضن جي بحالي جي تجويز به اقتصادي بحالي واري منصوبي جو حصو آهي.اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ 10 سالن جي پلان جي تياري تي غور ڪيو ويو.










