ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر وائرل انفيڪشن سبب متاثر ٿي رهيا آهن، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق به فلو جو شڪار ٿي ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ميڊيا مئنيجر جو چوڻ آهي ته ثقلين مشتاق وائرل انفيڪشن سبب اسٽيڊيم نه آيو هو، سڀاڻي اسٽيڊيم ايندو.واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو متبادل رانديگر ڪامران غلام دست جي مرض ۾ مبتلا هو جڏهن ته بابر اعظم ۽ سلمان علي آغا فلو جو شڪار ٿي ويا هئا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ميڊيا مئنيجر احسن ناگي به فلو ۾ مبتلا هو.ذريعن موجب رانديگرن کي احتياط جو مشورو ڏنو ويو آهي، شان مسعود به فلو سبب صبح دير سان ميدان ۾ آيو.










