ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي پوزيشن ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي پئي وڃي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر به مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 226 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 226 رپيا 37 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 129 پوائنٽس وڌي 39408 تي پهچي ويو.










