اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون روڪرائڻ جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پاران يونين ڪائونسلز جو انگ 101 مان وڌائي 125 ڪيو ويو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميسن جو نوٽيفڪيشن 101 يونين ڪائونسلز جي حد تائين هو درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي پراڻي ووٽر لسٽ مطابق اليڪشن ڪرائڻ کان روڪيو وڃي درخواست ۾ چيو ويو ته هاڻي انهن 101 يونين ڪائونسلز جو وجود ناهي رهيو وفاقي حڪومت لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمون به تجويز ڪيون آهن درخواست مڪاني اليڪشن ۾ (ن) ليگ جي چيئرمين جي اميدوار شهزاد اورنگزيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جون مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته اليڪشن 31 ڊسمبر تي ئي ٿيندي.










