ڪراچي(نيوز ڊيسڪ)ٽئين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان جي 304 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾ 354 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 304 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي هئي، ڪپتان بابر اعظم 78 رنسون ۽ آغا سلمان 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڊيبيو ڪندڙ وسيم جونيئر پهرين بال تي ڇڪو هڻي نئون رڪارڊ قائم ڪيو ۽ پاڪستان جو پهريون رانديگر بڻيو. انگلينڊ جي ٽيم کي گذريل ڏينهن کيڏيل 3 اوورن ۾ زيڪ ڪرولي جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، ڪرولي کي پهرين ئي اوور ۾ محمد ابرار ايل بي ڊبليو ڪيو هو. پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو ٻنهي پاسن کان بالنگ اسپنرز ذريعي شروع ڪري رڪارڊ قائم ڪيو. انگلينڊ آچر تي پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز 7 رنسن تي هڪ رانديگر آئوٽ ٿيڻ سان شروع ڪئي ته بين ڊڪٽ 4 ۽ اولي پوپ 3 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا پر بين ڊڪٽ پهريان 26 رنسون ٺاهي 58 جي مجموعي اسڪور تي نعمان جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ايندڙ جو روٽ ٻئي بال تي سلپ ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. 98 جي مجموعي اسڪور تي اولي پوپ 51 رنسن تي بولڊ ٿي ويو ۽ اننگ ۾ محمد ابرار جو ٻيو شڪار بڻيو، جڏهن ته اسٽوڪس لنچ جي وقفي کان فوري پوءِ 26 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. هيري بروڪ ٻي شاندار اننگز کيڏندي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ۽ 111 رنسون ٺاهي محمد وسيم جونيئر جي هٿان ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ريحان احمد هڪ رنس ٺاهي نعمان علي جو شڪار ٿيو.پاڪستان طرفان ابرار احمد ۽ نعمان علي 4-4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد وسيم جونيئر هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ياد رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي ٻه صفر جي فيصلي واري برتري حاصل آهي. ابرار احمد ٻن ٽيسٽ ميچز ۾ 15 وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي هن جي ٻئي ٽيسٽ جي اڃا هڪ اننگ باقي آهي. اڳ ۾ فضل محمود ٻن ٽيسٽ ميچز “ 14 وڪيٽون ورتيون هيون. ٻن ٽيسٽ ميچز ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو رڪارڊ ڀارت جي نريندرا هيراڻي جو آهي جنهن 1987 ۾ مدراس ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 24 وڪيٽون ورتيون هيون. هن ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ 16 وڪيٽون ورتيون هيون. هو سنڌي هندو آهي. پاڪستان جي ٻئي اننگ ۾ بيٽنگ جاري آهي ۽ بنا نقصان جي 9 اوورز ۾ 21 رنز ٺاهيون آهن. عبد الله شفيق 14 ۽ شان مسعود 3 رنز ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهن.










