اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزير اعظم شهباز شريف ايڪتا ڏڻ تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هزارين سالن کان سنڌ جي تهذيب نه رڳو خطي پر انسانيت جي تهذيب ۾ به پنهنجي ثقافت سان خوبصورتيءَ جا رنگ ڀريندي آئي آهي شهباز شريف ٽوئٽ ڪيو آهي ته اڄ باب الاسلام سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن پاڪستان ۾ وفاق جي هڪ اڪائي جي خوبصورتي اجاڳر ڪرڻ جو ڏينهن آهي پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مان سمورن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي هن ڏهاڙي تي گهڻيون واڌايون ڏيان ٿو










