اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاران نواز ۽ مريم خلاف جاچ شروع نه ڪرڻ جي تصديق

اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاران نواز ۽ مريم خلاف جاچ شروع نه ڪرڻ جي تصديق

لنڊن(ويب ڊيسڪ)اسڪاٽ لينڊ يارڊ تصديق ڪئي آهي ته هو لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف، مريم نواز ۽ ناصر بٽ کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزامن جي جاچ نه ڪندو.اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو چوڻ آهي ته سمورين شڪايتن جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪا جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي اسپيشلسٽ آپريشنز ڪمانڊنٽ ٻڌايو ته نومبر ۾ پاڪستان، ڪينيا ۾ قتل جي سازش بابت ڪيتريون ئي شڪايتون مليون.پوليس ذريعن موجب شڪايت ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز تي الزام لڳايا ويا هئا، پوليس شڪايت جو جائزو وٺڻ کانپوءِ به ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 11 نومبر تي ٻيهر قتل جي سازش بابت شڪايت داخل ڪئي وئي هئي، تسنيم حيدر 18 ۽ 19 نومبر تي ٻيهر پوليس کي وڪيل ذريعي قتل جي سازش بابت ثبوت ڏنا.مسلم ليگ ن جي ترجمان تسنيم حيدر الزام هنيو آهي ته ن ليگ قيادت عمران خان ۽ ارشد شريف کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي.تسنيم حيدر ۽ سندس وڪيل مهتاب عزيز دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس سندن شڪايت تي جاچ شروع ڪئي آهي، تسنيم حيدر اها به دعويٰ ڪئي هئي ته مهتاب عزيز اهم ثبوت پوليس حوالي ڪيا آهن.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته قتل جي سازش جي شڪايت کي لڳ ڀڳ هڪ مهينو گذري وڃڻ باوجود ثبوت نه ملڻ سبب پوليس جاچ شروع نه ڪئي آهي.تسنيم حيدر اها به دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس ناصر بٽ کي 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪندي.نسيم حيدر جي الزامن کانپوءِ پوليس ناصر بٽ جي گهر تي الارم ۽ سيڪيورٽي ڪيمرا لڳائي ڇڏيا آهن.تسنيم حيدر اهو به الزام لڳايو هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز گرفتاري کان بچڻ لاءِ برطانيا روانو ٿي ويا هئا، پر نواز شريف ۽ سندس گهروارا 12 ڏينهن جي يورپ جي دوري کانپوءِ شيڊول موجب لنڊن واپس آيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس هر شڪايت تي ڪرائم ريفرنس نمبر جاري ڪندي آهي پر جائز شڪايتن تي ئي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.ناصر بٽ ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن پاران تسنيم حيدر خلاف ڪوڙا الزام هڻڻ تي پوليس ۾ شڪايتون داخل ڪرايون هيون، پر تسنيم حيدر جي وڪيل مهتاب عزيز رابطو ڪرڻ تي ڪو به جواب نه ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو