اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو موقف آهي چونڊون وقت تي ٿين، خان صاحب چوندو هو انهن سان گڏ ويهڻ کان بهتر آهي ته مان مري وڃان، الله کيس حياتي ڏئي.تحريڪ انصاف چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان اسيمبليون ٽوڙڻ جي عمل جي آجيان نٿا ڪيون، ان کي غير جمهوري سمجهون ٿا، جيڪڏهن اهي اسيمبليون ٽوڙڻ چاهين ٿا ته ٽوڙين، ذميواري انهن جي آهي.هن چيو ته سياسي جماعتن جي ويهڻ سان ڊيڊ لاڪ ختم ٿيندا آهن ۽ رستا نڪرندا آهن، پي ڊي ايم جو موقف رهيو آهي ته ڳالهين کان انڪار غير سياسي ۽ غير جمهوري آهي، پي ڊي ايم قيادت ڳالهين کان انڪاري ناهي ٿيندي.سندس چوڻ هو ته اسان سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، جيڪڏهن اهي اسيمبليون ٽوڙين ٿا ته اسان ڀرپور طريقي سان چونڊون وڙهنداسين، کين پنجاب ۾ شڪست ڏينداسين.










