ڪابل ۾ پاڪستاني ناظم الامور تي قاتلاڻو حملو،گارڊ زخمي، عملو واپس طلب

ڪابل ۾ پاڪستاني ناظم الامور تي قاتلاڻو حملو،گارڊ زخمي، عملو واپس طلب

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.سفارتي ذريعن موجب فائرنگ ان وقت ٿي جڏهن ناظم الامور هلي رهيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته گارڊ کي سيني ۾ 3 گوليون لڳيون، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته موڪلن سبب پاڪستاني سفارتخاني ۾ رش نه هئي.سفارتي ذريعن موجب نظيم العمور ۽ ٻين عملدارن کي عارضي طور تي پاڪستان واپس گهرايو پيو وڃي.وزيراعظم حملي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي.هن چيو ته بهادر سيڪيورٽي گارڊ کي سلام آهي جنهن گوليون هڻي پنهنجي جان بچائي، هن سيڪيورٽي گارڊ جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.وزيراعظم حملي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو