واٽر بورڊ جي نه نجڪاري ٿيندي نه ملازم فارغ ٿيندا: سي اي او

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) واٽر بورڊ جي نجڪاري نہ ڪئي ويندي نہ ئي وري ڪنهن ملازم کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويندو، واٽر بورڊ جي بهتري ۽ سڌارن سميت ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد پاران وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان ۽ ايس او ٽو وي سي نديم احمد ڪرماڻي شريڪ هئا، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سان گڏ صدر پيپلز ليبر يونين واٽر بورڊ لياقت مگسي، جنرل سيڪريٽري سيد محسن رضا، اشفاق اعواڻ، خورشيد مهدي ۽ نعمان پڻ موجود هئا، پيپلز ليبر يونين جي اڳواڻن پاران وائيس چيئرمين، سي اي او ۽ سي او او کان واٽر بورڊ جي نجڪاري، ميڊيڪل، فنانس ۽ چيڪ کاتي ۾ بي ضابطگين، گروپ انشورنس، ملازمن جون رھتون، آئوٽ اسٽيشن ملازمن لاءِ اوور ٽائيم، ڊيلي ويجز ھيلٿ ورڪرن جي پگھارن ۽ ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ واٽر بورڊ ملازمن جا سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، سي اي او واٽر بورڊ پاران پيپلز ليبر يونين جي اڳواڻن کي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو تہ واٽر بورڊ جي نجڪاري نہ ڪئي ويندي نہ ئي وري ڪنهن ملازم کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويندو، واٽر بورڊ جي بهتري ۽ سڌارن سميت ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا جڏھن تہ واٽر بورڊ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ملازمن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي، هن وڌيڪ چيو تہ اداري ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو