صدر سان عمران خان جي ملاقات ٿي، سمورا معاملا آئين ۽ قانون موجب ٿيندا:فواد

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته صدر عارف علوي سان عمران خان جي زمان پارڪ لاهور ۾ 45 منٽن تائين ملاقات ٿي.فواد چوڌري ٻڌايو ته ملاقات کان پوءِ صدر عارف علوي واپس اسلام آباد روانو ٿي چڪو آهي. سمورا معاملا آئين ۽ قانون موجب ٿيندا. ملاقات ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو.فواد چوڌري چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ايوان صدر مان ساڍي ڇهين کان 7 وڳي دوران آفيشل هينڊ آئوٽ جاري ڪيو ويندو ۽ اهو اعلان صدر عارف علوي ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جي روشني ۾ ئي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو