گوگل تي ماڻهو ڇا سرچ ڪري رهيا آهن، 100 شين جي لسٽ جاري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)گوگل هن سال سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل 100 شين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.ان لست مان واهپيدارن جي رجحانن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان سان سندن ڊيجيٽل رجحان ظاهر ٿين ٿا.هي لسٽ گهريلو ڪمن ڪارن، باغيچن، ڪپڙن، گيمز، اليڪٽرانڪ شين، ميڪ ايپ ۽ هار سينگار سينگار تي ٻڌل آهي.گوگل موجب انهن شين ۾ هائيڊرو پونڪ گلدان ۽ شيون، ڪسٽم گيمنگ جا بورڊز، پاڻي ملائي استعمال ٿيندر آئي لائينر، ڪن جي مٿئين حصي تي لڳائڻ وارا هيڊ فونز، اليڪٽرانڪ ڪٽلي، ميسينجر بيگ، اليٽرانڪ ٽوٿ پيسٽ، غذا مان گهم ختم ڪندڙ اوزار، ورچوئل ريئلٽي هيڊ سيٽ، سائنسي اصولن وارا رانديڪا، لنگنگز، ٻارن جي سٺي غذا کي ڪمپوزٽ ڪرڻ ۾ مددگار اوزار، ونهنجڻ واريون شيون، مشروم ليمپ، چهري جي ميڪ اپ جو سامان، ميڻ بتي واري ڪٽ، مساجر گن، چانور پچائڻ وارا ڪوڪر، ڪاردليس ويڪيوم ڪلينر، ليپ ٽاپ، موبائيل فون، شرپا جيڪيٽ، پيانو رانديڪو، ميڻ بتي ٻاريندڙ لائيٽر، پيپر ڪلپ نيڪليس، ايل اي ڊي فيس ماسڪ، اليڪٽرانڪ اسڪوٽر، فجٽ رانديڪا، ٽپا ڏيڻ واريون رسيون، سليپر مشين، ڊيجيٽل پڪچر فريم، اسڪن ڪيئر فرج، مصري ڪاٽن پردا، انڊور گارڊن، ميڪ اپ وارو ننڍو شيشو روشن ٿي وڃي ٿو ۽ صحت تي نظر رکندڙ زيور شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو