اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊن بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري 2023 تي ٿينديون.اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار فراهم ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪن.










