شعيب اختر تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار جو نالو سامهون اچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جي زندگي تي ٺهندڙ فلم راولپنڊي ايڪسپريس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار جو نالو سامهون اچي ويو آهي.هلندڙ سال جولاءِ ۾ شعيب اختر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته سندس زندگي تي فلم ٺاهي ويندي، جنهن جي شوٽنگ شروع ڪئي وئي آهي.انسٽاگرام تي فلم جي جھلڪ شيئر ڪندي شعيب اختر چيو ته سندس بايو پک ۾ اهي حقيقتون به ڏيکاريون وينديون جيڪي هن وقت تائين ڪنهن کي به سامهون نه آيون آهن.جڏهن ته هن فلم ۾ شعيب اختر جو ڪردار ڪير ادا ڪندو ان حوالي سان ڪنهن کي به خبر نه هئي، جڏهن ته هاڻي ان اداڪار جو نالو به سامهون اچي ويو آهي.شعيب اختر جو ڪردار عمير جسوال ادا ڪندو، جنهن گذريل ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي فلم جي ڪردار جي هڪ جھلڪ شيئر ڪئي. عمير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اوهان سڀني لاءِ اهو اعلان ڪندي پرجوش ۽ خوشي ٿي رهي آهي ته راولپنڊي ايڪسپريس ۾ مان شعيب اختر جو ڪردار ادا ڪندس، وڏي اسڪرين تي ليجنڊ شعيب اختر جو ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿو.واضح رهي ته راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر ڊسمبر 1997ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو