بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيل 122 افغاني گرفتار

بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيل 122 افغاني گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ سنڌ پوليس غير قانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيل افغانين کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب بلوچستان مان 122 افغاني مبينا طور سنڌ ۾ داخل ٿيا.پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس پاران سرچ ۽ بائيو ميٽرڪ چيڪنگ دوران 89 مرد، 13 عورتون ۽ 20 ٻارن کي شناختي دستاويزن جي تصديق نه ٿيڻ ۽ پرڏيهي شهريت رکڻ تي گرفتار ڪيو ويو.سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب گرفتار افغان شهرين کي غير قانوني داخلا ۽ واپس افغانستان منتقلي تي قانوني ڪارروائي لاءِ بلوچستان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو