ارسلان محسود قتل ڪيس: ايس ايڇ او کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ارسلان محسود قتل ڪيس: ايس ايڇ او کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اورنگي ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ارسلان محسود جي ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او اعظم گوپانگ جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.سپريم ڪورٽ ايس ايڇ او اعظم گوپانگ کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ اعظم گوپانگ کي 2 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.پوليس موجب ڪيس ۾ اعظم گوپانگ، انٽيليجنس آفيسر توحيد ۽ سندس دوست عمير کي نامزد ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ درخواستگذار جو چوڻ آهي ته جوابدارن 2021ع ۾ اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ ڪري ارسلان محسود نالي نوجوان کي قتل ڪيو، پوليس اهلڪارن واقعي کي پوليس مقابلي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.قادر مندوخيل ايڊووڪيٽ موجب ڪيس ۾ 3 اکين ڏٺا شاهد آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار اعظم گوپانگ خلاف ٺوس ثبوت آهن، کيس ضمانت نه ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو