بغداد (ويب ڊيسڪ)عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪو فٽبال اسٽيڊيم ۽ ڪيفي جي ويجهو گيراج ۾ ٿيو، جڏهن ته ڌماڪو هڪ گاڏي ۾ نصب ڪيو ويو هو.سڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪو ويجهو هڪ گيس ٽينڪر کي به لپيٽ ۾ آندو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيو ڌماڪو ٿيو ۽ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.مقامي اختيارين موجب ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب مارجي ويلن ۾ اڪثر فٽبال رانديگر هئا.










