2 ڏينهن کانپوءِ اڄ ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿي ويو

2 ڏينهن کانپوءِ اڄ ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)2 ڏينهن جي لاٿ کانپوءِ اڄ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 219 رپيا 90 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 219 رپيا 73 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 80 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 223 رپيا 70 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ ڊالر 222 رپيا 90 پئسا هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ منفي رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 442 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 41 هزار 747 تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو