انڊس هاءِ وي تي ڪوچ جو ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽڪر 16 زخمي

انڊس هاءِ وي تي ڪوچ جو ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽڪر 16 زخمي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ ڳڙھي لاڙو ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر کي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ٽريڪٽر ڪلٽيون کائي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پيو جنھن سبب ٽريڪٽر ۾ سوار ڪيترا ئي ماڻھو ھيٺ دٻجي ڦاسي پيا۔ مسافرن جي دانھن ۽ ڪوڪن تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به مدد لا۽ پھچي ويا ۽ حد جي پوليس جون موبائيلون به ڪجھ دير بعد واقعي واري ھنڌ پھچي ويون جن ٽرالي ھيٺان ڦاٿل ۽ روڊ تي ڪريل زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو۔ زخميي ۾ 6 عورتون، 3 بار۽ 7 مرد شامل آھن۔ جنھن ۾ مائي جادل۔ صوفيه۔ نورجھان۔ مائي وزيران۔ مائي ناديه۔مائي شھزادي۔ چاڪر خان۔ياسر۔ غلام علي۔ڪريم بخش۔ علي جان ملڪ ۽ ڪوچ جو ڪنڊيڪٽر محمد ادريس ۽ ٻيا شامل آھن۔ زخمي مسافرن جي اڪثريت ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ رسالدار جي رھواسي آھي۔ زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت ڊاڪٽرن ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آھي جن کي لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو ويو۔ پوليس ڪوچ جي ڊرائيور کي سوگھو ڪري ڪوچ کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي۔ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي۔ 4 زخمين جي حالت خراب هئڻ ڪري کين لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو