ايس ايس پي جي هدايت،پوليس جون ڪاروايون، منشيات فروش گرفتار

ايس ايس پي جي هدايت،پوليس جون ڪاروايون، منشيات فروش گرفتار

ٽنڊو محمد خان (ن س) ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو جي خصوصي هدايت تي ٽنڊو محمد خان سٽي پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري ايس ايڇ او سٽي منظور احمد شورو مختلف هنڌن تي ڪاروائي دوران پنج منشيات فروش گرفتار گرفتار جوابدارن کان چرس مين پڙي سميت ڪچو شراب برآمد ڪرڻ جي دعوا منشيات فروشن تي ڪيس داخل خبر موجب ايس ايس پي ٽنڊو محمد خا غلام نبي ڪيريو جي خصوصي هدايت تي ايس ايڇ او سٽي منظور احمد شورو پوليس پارٽي ساڻ ڪري منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي مختلف هنڌن تان وڏي مقدار ۾ مين پڙي ڪچو شراب سميت چرس ويڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ منشيات فروش جان محمد عرف جاني ڪيريو خان محمد عرف گينڊو ڪيريو رمضان ڪيريو عبدالرحمان گهراڻو ۽ سجاد عرف سجو خاصخيلي کي گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو