ڪراچي (رپورٽر) مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توشه خانه ريفرنس ۾ نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان سياستدانن جي نااهلي کي سٺو نٿا سمجهون، پر ٻين کي ڪرپٽ چوڻ وارو اڄ پاڻ باظابطا بدعنوان ثابت ٿيو، سياسي مخالفن کي نااهل ڪرڻ واري سفارش ڪندي اڄ عمران پاڻ نااهل ٿي ويو . ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته ان کي چوندا آهن ته مقافات عمل جنهن جو شڪار اڄ عمران خان پاڻ ٿيو.










