اليڪمشن ڪمشنر سنڌ پاران عمران خان جا لڳايل الزام رد

اليڪمشن ڪمشنر سنڌ پاران عمران خان جا لڳايل الزام رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کان اين اي 237 ملير ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ ٻيهر پولنگ جي مطالبي بابت پڇاڻو ڪيو آهي؟ اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته مون تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو، ڪنهن وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه کان آئيني اداري جي آفيسر بابت اهڙي بيان جي اميد نه هئي.اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته ملير جي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي، ضمني چونڊ جي نتيجن ۾ ڪامياب اميدوار ۽ عمران خان ۾ 10 هزار ووٽن جو فرق آهي. سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ملير ۽ ڪورنگي جي ٻنهي تڪن تي ضمني چونڊون ڪرايون، جتي عمران خان کٽيو اتي ڌانڌلي نه ٿي، جتي هاريو، اتي ڌانڌلي جو الزام! اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ٻنهي تڪن ۾ صاف ۽ شفاف ضمني چونڊون ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو