ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي جاءِ والاريندڙ ساگر پانڊي 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.سلمان خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪندي ساگر پانڊي جو شڪريو ادا ڪيو. سلمان خان پنهنجي پوسٽ سان گڏ لکيو ته مون سان گڏ هجڻ تي دل جي گهراين کان مهرباني.اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ ساگر پانڊي کي پنهنجو ڀاءُ پڻ لکيو.سلمان خان جي پوسٽ تي ڪمنٽ سيڪشن ۾ مداحن به ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جو باڊي ڊبل ساگر پانڊي ممبئي جي جم ۾ ورزش دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.










