چيني شهري جو قتل، وڏي وزير پاران پوليس کان رپورٽ طلب

چيني شهري جو قتل، وڏي وزير پاران پوليس کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني شهري جي فوت ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير اڄ صدر ۾ ڊينٽل ڪلينڪ تي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري مارجي ويو جڏهن ته چيني ڊاڪٽر ايڇ يورچرڊ ۽ سندس زال زخمي ٿي پيا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ڀائيچاري وارا لاڳاپا آهن ۽ انهن کي ڪنهن سازش تحت تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهڙا واقعا برداشت جوڳا نه آهن ۽ ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان وڏين قربانين کانپوءِ صوبي جو امن بحال ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو امن سان زندگي گذاري سگهن ۽ صوبو ترقي ڪري سگهي. هن چيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو